رسول بخش خان گبول

رسول بخش خان گبول: رسول بخش خان ولد بلندو خان گبول جو تعلق ديهه پير گاجي شاهه يونين ڪائونسل ٽنڊي رحيم، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ سان هو. 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي دوران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آباد گبول برادريءَ سنڌي فوج جو ساٿ ڏنو هو. رسول بخش خان جي والد سردار بلندي خان گبول کي 1843ع ۾ سنڌ جي گورنر سر چارلس نيپيئر، حيدرآباد ۾ گهرائي امن امان جي قيام لاءِ زور ڀريو هو، پر گبول برادريءَ ٽالپرن جي مدد کان هٿ نه کنيو. سردار بلندو خان گبول جو نوجوان پٽ خان گبول'>رسول بخش خان گبول جي اڳواڻيءَ ۾ دادو، ڄام شوري، سکر، خيرپور، گهوٽڪي، ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد، لسٻيلي، سبي ۽ ڪڇيءَ ۾ رهندڙ گبول برادريءَ، انگريزي فوج تي حملا جاري رکيا. نتيجي طور هو سوين گبول هٿياربندن سميت 1843ع کان 1845ع تائين روپوش رهيو.
سنڌ جي هن سورمي جي نالي پٺيان دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ ۾ ڳوٺ خان گبول'>رسول بخش خان گبول اڄ به قائم آهي. ان کان سواءِ ڪراچيءَ جي گلشن معمار سان گڏ عبدالله گبول ڳوٺ ۾ خان گبول'>رسول بخش خان گبول مارڪيٽ به قائم آهي.
سندس پونيرن مان هن وقت گبول برادريءَ جو سردار قادر بخش خان گبول ولد سردار آچر خان گبول، عبدالله گبول ڳوٺ، گلشن معمار ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ رسول بخش خان گبولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو